سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو جي سماڌي

سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو جي سماڌي

سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو جي سماڌي

سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو جي سماڌي (مقبرو): هيءُ سماڌي (مقبرو) سيڻي، ٿر جي علائقي ۾ واقع آهي. هن سماڌي جي ڏاکڻئين پاسي ٻه ننڍا ڳوٺ ماٽي ۽ ڊڪڻ پون ٿا، جنهن ڪري هن سماڌي جي نسبت ٻنهي ڳوٺن سان ٿئي ٿي. سماڌي جي اولهه طرف تاريخي طور مقدس حيثيت رکندڙ سيڻي ڍنڍ پڻ آهي، جنهن کي مهيشوري ميگهواڙ سيڻي گنگا جي نالي سان سڏين ٿا.
هن سماڌي جي اڏاوت چورس شڪل ۾ ٿيل آهي. ظاهري ڏيک ۾ ٻاهرين ڀت جي وچولي ماپ سبب سماڌي ڪشادي محسوس ٿئي ٿي ۽ سماڌي جو اندريون حصو پري کان نمايان طور ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن جو مکيه دروازو اُتر کان ڏکڻ طرف لڳل آهي. اندرئين حصي ۾ سماڌي سميت هر طرف اڇي ماربل جو گهڻو استعمال ٿيل آهي. زيبائش لاءِ سماڌي، ٿنبن ۽ ڇت تي اڇي ماربل سان گڏ ناسي رنگ جي ننڍي چورس ماربل جو استعمال به ٿيل آهي. گنبذ ڇت کان تقريباً اڌ ميٽر اوچو ٺهيل آهي. سماڌي ۾ 84 ٿنڀا اڏيل آهن، جيڪي ٻارمتي گنانن موجب دنيا جي 84 لک حياتياتي جنسن کي ظاهر ڪن ٿا. سماڌي جي اڀرندئين طرف، گجراتي ٻولي ۾ مامئي ڏيو جا گنان لکيل آهن. ڇت مٿان گيڙو رنگ جو هڪ ٽڪنڊو جهنڊو (ڌاڄا) پڻ لڳل آهي. مکيه دروازي جي سامهون سمي حاڪم جيائي ابڙو جو يادگار آهي، جنهن کي ڄڃ چئبو آهي. سماڌي جو ٻاهريون حصو واريءَ تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو